برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ 2024ع جي موقعي تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضاف?? جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ ??ڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ ??ڌائڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاج?? جي پرامن است??ما?? ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ائٽمي توانائي ۽ ايپلي ڪيشنز ۾ تجربي ۽ مهارت جي حصيدار?? جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.