اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي ??سي??بلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ام??دو??رن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قومي ??سي??بلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. قومي ??سي??بلي جي اجلاس جي شروعات تي قومي ??سي??بلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ميمبرن کان حلف وٺڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته سڀ کان پهرين قومي ??سي??بلي جي رول آف ميبمرز تي اهي ام??دو??ر صحيح ڪندا جن کي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻا آهن، مسلم ليگ (ن) جي سردار اياز صادق اسپيڪر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڊپٽي اسپيڪر، سني اتحاد ڪائونسل جو ملڪ عامر ڊو??ر اسپيڪر ۽ جنيد اڪبر ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قومي ??سي??بلي جي سيڪريٽري وٽ ايوان ۾ ئي جمع ڪرايا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿيڻ ۽ جاچ پڙتال کانپوءِ ??سي??بلي سيڪريٽريٽ ام??دو??رن جي حتمي فهرست جاري ڪندي. نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ اڄ جمعي تي ٿيندي.