ڪرتارپُور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سمورن سک ياترين جي آجيان ڪري ٿو، ڪرتارپور ??نگهه امن جي علامت آهي، ڪرتارپور ??نگهه سان پاڪستان دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستان ا??ن جو خواهشمند آهي، پاڪستان جو پيغام امن جو پيغام آهي. نارووال ۾ ڪرتارپور ??نگهه جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين ا??مذاهب هم اهنگي جي اهڙن وڌيڪ قدمن سان خطي ۾ امن کي هٿي ملندي، سک مذهب امن ۽ اتحاد، ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ج?? درس ڏنو آهي.
هن چيو ته سک ياترين جي آساني ۽ سهولت جي لاءِ پاڪستان جا قدم ساراهه جوڳا آهن. صدر کي سي اي او پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ ڪرتارپور صاحب ۾ سک ياترين جي سهولت لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ صدر کي سک مذهب ۽ ڪرتارپور صاحب جي تاريخ بابت ٻڌايو ويو. صدر ڪرتارپور صاحب ۾ مختلف جاين جو دورو ڪيو ۽ ياترين جي لاءِ ڪيل انتظامن کي ساراهيو. صدر پنهنجي دوري دوران ميوزيم ۽ لنگرخاني جو دورو پڻ ڪيو.