اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) حڪومت سازيءَ لاءِ (ن) ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن تي ٻَڌل ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. (ن) ليگ جي ترجمان مري?? اورنگزيب م??ابق پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان سينيٽر اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ملڪ محمد احمد خان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا جڏه?? ته پ پ جي نمائندگي سيد مراد علي شاهه، قمر الزمان ڪائره، سعيد غني ۽ ٻين ڪئي. ڪميٽي اتفا?? ڪيو ته جلد کان جلد حڪومت سازي جي عمل کي مڪمل ڪيو وڃي. ڪميٽي جون مشاورت سان جوڙيل تجويزون اڳواڻن کي پيش ڪيون وينديون. ڪميٽيءَ جي سفارشن جي روشني ۾ قيادت حتمي فيصلو ڪندي.