اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان بابري م??جد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذمت ڪندي ان کي ڀ??رت ۾ مسلمانن جي پسماندگي وڌائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب صديون پراڻي م??جد کي 6 ڊسمبر 1992ع تي انتهاپسند هندوئن جي هجوم شهيد ڪري ڇڏيو هو، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هندستان جي اعليٰ عدليه نه رڳو ان ڪڌي فعل جي ذميوار ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل م??جد جي جڳهه تي مندر ٺاهڻ جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي شهر ايوڌيا ۾ شهيد ڪيل بابري م??جد جي جڳهه تي ”رام مندر“ جي تعمير جي مذمت ڪري ٿو. اهو هندستاني مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي پسماندگي جي لاءِ جاري ڪوششن جو هڪ اهم رخ آهي. شهيد ڪيل بابري م??جد جي جڳهه تي ٺاهيل مندر ايندڙ وقتن ۾ هندستان جي جمهوريت جي چهري تي ڪارو ڌٻو بڻجندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت ”هندوتوا“ نظريي جي وڌندڙ لهر مذهبي هم آهنگي ۽ علائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. عالمي برادري کي ڀ??رت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل عالمي ادارن کي ڀ??رت ۾ اسلامي ثقافتي جاين کي انتهاپسند گروهن کان بچائڻ ۽ ڀارت ۾ اقليتن جي مذهبي ۽ ثقافتي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??نه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.