اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو 16 هون شهادت جو ڏهاڙو هڪ دل ڏکوئيندڙ ياد ڏياري ٿو ته پرتشدد انتهاپسندي پنهنجي سمورن رنگن ۽ ن??رين سان گڏ اسان جي ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ خطرو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انتهاپسندي جي خلاف ??ڪ ڊگهي جنگ آهي پر اسان ان کي کٽينداسين، انشاءَ الله.