اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي، اي سي پي کي جي??ا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جون بجيٽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ 42 ا??ب رپين جي منظوري ڏني هئي، 10 ارب رپين جي رقم اڳ ۾ ئي جاري ڪئي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن منظور ٿيل بجيٽ جي رقم مان 17.4 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪي?? آهي. هن چيو ته اي سي پي کي جي??ا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي، اسان آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهيون.