اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ريلوي جو مين ????ئي?? ون (ايم ايل ون) منصوبو سي پيڪ جو اهم حصو آهي ۽ حڪومت ان جي ترجيحي بنيادن تي تڪميل يقيني بڻ??ئي??دي، منصوبي جي تعمير دوران ماحولياتي اثرن جو خاص طور تي خيال رکيو وڃي، پاڪستان ۾ ريلوي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع سگهه موجود آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مين ????ئي?? ون (ايم ايل ون) منصوبي تي جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وز??ر شمشاد اختر، سميع سعيد، نگران وز??راعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي صلاحڪار جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مين ????ئي?? ون منصوبي جي پڄاڻي جي مختلف مرحلن ۽ تعميري هدفن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي حوالي سان منصوبابندي حتمي مرحلن ۾ آهي. جڏهن ته ايندڙ سال جي شروع ۾ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته منصوبو ٻن مرحلن ۾ تعمير ڪيو ويندو. پهرين ??رحلي ۾ ڪراچي کان ملتان 930 ڪلوميٽر ريلوي ل??ئي?? وڇائي ويندي، ان حصي ۾ 2022ع دوران ٻوڏ جي ور چڙهيل ريلوي انفراسٽرڪچر کي به عالمي معيار موجب جدت ڏني ويندي، ٻئي مرحلي ۾ ملتان کان پشاور 796 ڪلوميٽر جو حصو هوندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته منصوبي کي ان طرز سان ٺاهيو پيو وڃي ته مستقبل ۾ ريلوي کي ضرورت موجب وڌيڪ جدت به ڏني وڃي. نگران وز??راعظم هدايت ڪئي ته منصوبي جي هدفن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. نگران وز??راعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن تي ٺوس منصوبابندي ڪري جلد پيش ڪئي وڃي ته جيئن ايم ايل ون منصوبي جي ثمرن مان مڪمل فائدو کنيو وڃي. هن وڌيڪ ??يو ته مين ????ئي?? ون منصوبي جي شروعات ۽ ريلوي جا سڌارا نگران حڪومت جي اولين ترجيح آهي. مين ????ئي?? ون منصوبو پاڪستان ۾ مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آهي. مين ????ئي?? ون منصوبو قومي نوعيت جو اهڙو منصوبو آهي جيڪو ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ شعبي ۾ انقلاب آڻيندو. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارا آڻي ان جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو وڃي. مين ????ئي?? ون منصوبي جي هدف جي مقرر ڪيل وقت ۾ پڄاڻي يقيني بڻائي وڃي. منصوبي جي تعمير ۾ شفافيت جو خاص خيال رکيو وڃي. نگران وز??راعظم چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ نوان روزگار جا موقعا ۽ سامان جي پهچ جي لاڳت انتهائي گهٽ ٿيندي. منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان سفري لاڳت ۽ گهربل وقت ۾ گهٽتائي ٿيندي. منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان جي بندرگاهن جا نه رڳو ملڪ جي معاشي مرڪزن سان مواصلاتي رابطا بهتر ٿيندا پر سي پيڪ تحت خطي جي ٻين ??لڪن جي لاءِ ٽرانزٽ روٽ جو مقصد به پورو ٿيندو.