ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻ?? لاڳاپا هر آزمائش تي پورو لٿا آهن، هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسريٽجڪ تعاون ۽ ڳا??هه ٻولهه کي وڌيڪ مس??حڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ گڏيل عرب ا??ارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳو??ڻن ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻ?? لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ڳا??هه ٻولهه کي وڌيڪ مس??حڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم اقتصادي ۽ مالياتي شعبي ۾ گڏيل عرب ا??ارات پاران پاڪستان جي لاءِ ڀرپور تعاون تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته گڏيل عرب ا??ارات 1.8 ملين پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان خصوصي طور تي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مس??لي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي لاءِ يو اي اي جي صدارت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ سميت ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اهم شعبن ۾ موثر ۽ نتيجاخيز عالمي قدمن طرف بامعنيٰ اڳڀرائي جي موقعي جي طور تي ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳو??ڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز پروجيڪٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانشل سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جو مشاهدو ڪيو. انهن مفاهمت جي ياداشتن سان گڏيل عرب ا??ارات جي پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت مختلف قدمن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو جنهن سان پاڪ گڏيل عرب ا??ارات اقتصادي حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.