ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي مفاهمت جي ياداشتن ??ي صحيحون ڪيون آهن، انهن معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي تعاون، علائقائي استحڪام ۽ ا??ٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي. گڏيل ع??ب امارات جي دوري دوران پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي مفاهمت جي ياداشتن ??ي صحيحون ڪيون آهن، انهن معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي تعاون، علائقائي استحڪام ۽ ا??ٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي، انهن معاهدن تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ان دوستي جو بنياد شيخ زيد بن سلطان النهيان 70ع جي ڏهاڪي ۾ رکيو هو، سندس پٽ شيخ زيد بن النهيان ان دوستي کي نئين بلندين طرف و??ي ويو آهي. هن چيو ته انهن منصوبن جا تمام جلد پاڪستاني معيشت تي مثبت اثر نظر ايندا. هن چيو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير به ان موقعي تي موجود هئا جڏهن ته گڏيل ع??ب امارات جي اهم شخصيتن پڻ ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي.