اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ج?? ايپڪس ڪميٽي متفقه طو?? تي دوست ملڪن سان رابطي جي لا??ِ مختلف قدمن جي منظوري ڏيندي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب دوست ملڪن سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ ايپڪس ڪميٽي (ايس آءِ ايف سي) جو خصوصي اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي تعاون جي موجوده سطح جو جائزو وٺندي متفقه طو?? تي دوست ملڪن سان رابطي جي لا??ِ مختلف قدمن جي منظوري ڏيندي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم تعاون جي ممڪن شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي لا??ِ لاڳاپيل وزارتن جي ڪوششن کي ساراهيندي سمورن حصيدارن کي ڊگهي مدي واري اقتصادي ??نا??عو حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آرمي چيف پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن جي حمايت جي لا??ِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو.