اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ غزه ۾ شهرين جي خلاف وڌندڙ اسرائيلي ڏاڍ ۽ جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏهن به معاف يا نظرانداز نٿو سگهجي، فلسطيني عوام جي قتل ??ام کي ??ند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عملي قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن جباليه ڪئمپ تي فضائي حملو غزه ۾ جاري اسرائيلي ڏاڍ ۽ جنگي ڏوهن جو واضح مثال آهي جتي عورتن ۽ ٻارن سميت سوين ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏهن به معاف يا نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ان قتل ??ام کي ??ند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عمل ڪرڻ گهرجي.