اسلام آباد – 15 – سي??ٽم??ر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سي??ٽم??ر تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي يوٿ من??ٽرز جي ڏهين اجلاس جي صدارت ڪئي. دولت مشترڪه جي 45 کان وڌيڪ ملڪن جي يوٿ من??ٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جيڪو دولت مشترڪه پاران 2023ع کي ”نوجوانن جي سال“ طور ملهائڻ جي هڪ حصي طور من??قد ڪيو ويو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس جي صدارت ڪندي نگران پرڏيهي وزير عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي ترتيب ڏيڻ ۾ دولت مشترڪه جي ڪردار تي زور ڏنو. هن چيو ته دولت مشترڪه جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن. شرڪت ڪندڙن نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ غور ڪيو ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور ادراڪ ڪري سگهن. نگران پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان حڪومت جي فليگ شپ يوٿ پراجيڪٽ ”پرائيم من??ٽر يوٿ پروگرام“ بابت ٻڌايو جنهن 10 سال مڪمل ڪري ورتا آهن. نگران پرڏيهي وزير چيو ته هي پروگرام ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام ??ي چار اي ايس تحت طئي ٿيل مقصدن سان ويجهي هم آهنگ رکي ٿو، يعني مشغوليت، ??عل??م، روزگار ۽ ماحوليات. پاڪستان حڪومت فور ايز مان هر هڪ تحت مخصوص واعدا ڪندي 80 ارب رپ??ن جا من??وبا مخصوص ڪري موجوده مالي سال جي لاءِ نوجوانن جي ترقي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اجلاس جي موقعي تي نگران پرڏيهي وزير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل ۽ سريلنڪا، روانڊا، جميڪا ۽ ساموا جي يوٿ من??ٽرز سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. نگران پرڏيهي وزير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل، لن??ن جي ميئر ۽ لنڊن ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس جي جڳهه تي روايتي ٽرڪ آرٽ اسڪوٽرز ۽ بليو مٽيءَ جي ٿانون ۾ پاڪستان جي متحرڪ رنگن ۽ ڊيزائنن جي شاندار نمائش ڪئي وئي جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. بيان موجب پاڪستان دولت مشترڪه کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تنظيم سان پنهنجُون ويجهيُون مصروفيتون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.