اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو، ملائيشيا جي واپارين کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ملائيشيا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀا??راڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ملائيشيا سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا ڳوليا وڃن. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر تي زور ڏنو ته ه?? ملائيشيا جي واپاري برادري، چيمبر آف ڪامرس سان رابطن کي فروغ ڏي، گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ج?? خاطرخواهه اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، ويليو ايڊيڊ شين ج?? ذريعي ملائيشيا کي پاڪستان جي درآمد وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ملائيشيا ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي سهولت ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ه?? ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??ت جي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀا??ت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ به ڪم ڪري. صدر فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي عملدرآمد ۾ پاڪستان جي مدد تي ملائيشيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.