اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پشاور جو دورو ڪندو ۽ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فاٽا يونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا فاٽا جي باصلاحيت ن??جوانن کي عالمي معيار موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. هن چيو ته 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت ج?? دور ۾ رکيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پشاور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپ??تو??خواهه جي باصلاحيت ن??جوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو.