لاهور – 13 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ فسادي، فتني ۽ هٿياربند جٿن جي ماسٽر مائنڊ شخص پنهنجي گهر ۾ ويهي جناح هائوس کي باهه لڳرائي، جناح هائوس قائداعظم محمد علي جناح جو گهر هو جنهن کي بيدرديءَ سان نقصان پهچايو ويو، اتي قائداعظم جي تصويرن کي باهه هنئي و??ي، ڪو به محب وطن شخص اهڙي قسم جي ڪڌي حرڪت نه ٿو ڪري سگهي، 9 مئي جي و??قعن ۾ جيڪو به ملوث آهي ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح هائوس جي دوري جي موقعي تي ??حافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان جي عوام ڏٺو ته ڪهڙي طرح 9 مئي تي هٿياربند جٿن ۽ غنڊن جناح هائوس تي ??ملو ڪيو، حساس ٺڪاڻن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، شهيدن جي يادگارن کي ساڙيو ويو، جناح هائوس جي اندر بدترين تباهي ڪئي و??ي. جناح هائوس جي ڪوريڊور ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي تصويرن کي پيٽرول سان ساڙيو ويو، قائداعظم جي استعمال هيٺ گاڏين ۽ تاريخي شين کي ڀڃ ڊاهه ڪري باهه هنئي و??ي، جناح هائوس جي مسجد کي به باهه هنئي و??ي. هن چيو ته 9 مئي تي ٻارن جا اسڪول ساڙيا ويا، ايمبولينسن کي روڪي انهن کي باهه هنئي و??ي، شهيدن جي يادگارن کي ساڙيو ويو، ايم ايم عالم جي جهاز ۽ ڪيپٽن شير خان جا مجسما ٽوڙي انهن کي باهه لڳائي و??ي. هن چيو ته 9 مئي جي و??قعن ۾ ملوث شخص محب وطن نه ٿو ٿي سگهي، اهڙو شخص ملڪ دشمن ئي ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته 9 مئي سانحي جي و??قعن کي سياسي رنگ ڏئي ۽ ان کي انساني حقن جو مسئلو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي و??ي. 9 مئي جي سانحي کانپوءِ پوري قوم ۽ پاڪستان جون محب وطن سياسي پارٽيون هڪ نئين عزم سان متحد ٿيون، عوام ۽ سياسي پارٽين جو مطالبو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته 9 مئي جي و??قعن جو ماسٽر مائنڊ اهو فسادي عنصر آهي جنهن ملڪ کي اڏوهي و??نگر کائڻ جي ڪوشش ڪئي، 9 مئي جي سانحي جو ماسٽر مائنڊ چوي ٿو ته اها تباهي ڪارڪنن ڪئي آهي، ان کي ته ڪجهه خبر ئي نه هئي، ڪڏهن هو ميديا تي ??لزام هڻي ٿو. هن چيو ته هي موصوف زمان پارڪ ۾ ويهي جلاءُ گهيراءُ جي منصوبابندي ڪندو رهيو، هن شخص کي ايترو شرم نه آهي جو هو عورتن بابت به ڪوڙ ڳالهائڻ کان نه ٿو ٿڪي، هن پنهنجي سياست جي خاطر عورتن ۽ شهيدن جي بي حرمتي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته جيڪي ماڻهو ان غنڊه گردي ۾ سهولتڪاري ڪندا رهيا اهي به ا?? ڏوهه جو حصو آهن، هن شخص کي ڪٽهڙي ۾ آڻي پڇڻ گهرجي ها ته 9 مئي تي ??ساس ٺڪاڻن ۽ قومي ملڪيتن کي ڇو نقصان پهچايو، ڇو ٻارن جا اسڪول ساڙيا ويا، انهن جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ هن چيو ته 9 مئي سانحي جي ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، اهڙو مثال قائم ڪيو ويندو جو اڳتي ڪير به اهڙي قسم جي سازش ۽ ملڪ دشمني ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته 9 مئي جي و??قعن کي سياست سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، حساس ٺڪاڻا هجن يا عوامي ملڪيت، قانون واضح آهي، ڏوهارين کي لاڳاپيل قانونن تحت سزائون ڏنيون وينديون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان جو موقف واضح آهي ته ڪنهن به معصوم سان زيادتي نه ٿئي، 9 مئي سانحي جي و??قعن ۾ ملوث ماڻهن جي جيو فينسنگ جي ذريعي سڃاڻپ ٿي، ان کانپوءِ نادرا جي ذريعي سڃاڻپ ٿي، اهو پورو پراسيس آهي. هن چيو ته اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته هزارين عورتون جيلن ۾ آهن، انهن سان زيادتي ٿي آهي، جيڪي عورتون جيلن ۾ هيون اهي ٻاهر اچي پاڻ چئي رهيون آهن ته انهن سان ڪا زيادتي ناهي ٿي. هيومن رائيٽس ڪميشن به رپورٽ جاري ڪئي ته ڪنهن به عورت سان ڪا زيادتي ناهي ٿي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته 9 مئي جي و??قعن ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. هڪ سوال تي ??طلاعات واري وفاقي و??ير چيو هي اها ئي ممنوعه فنڊنگ هئي جنهن جو مقصد پاڪستان جي نوجوان نسل کي تباهه ڪرڻ هو، پاڪستان جي نوجوان نسل به عقل رکي ٿي، انهن کي خبر آهي ته ڪير انهن کي استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ فسادي ڪجهه ماڻهن جي ذهن سازي ڪئي ۽ پوءِ ان سازش تي ??ملدرآمد ڪرايو. هڪ سوال تي وفاقي و??ير چيو ته 9 مئي سانحي جي ڏوهارين کي ضرور سزا ملندي. هن ملڪ جي ٽي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم جعلي ڪيسز جي باوجود پنهنجو پاڻ کي قانون آڏو پيش ڪري مثال قائم ڪيو هو ته ڪير قانون کان مٿانهون نه آهي. هڪ سوال تي مريم اورنگزيب چيو ته 9 مئي جي و??قعن جو تعلق سياست سان نه آهي، جيڪي ماڻهو ان سانحي ۾ ملوث هئا انهن جي خلاف ڪارروايون جاري آهن. شهيدن جي يادگارن کي تباهه ڪرڻ ۽ ساڙيندڙن سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون.