اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 23-2022ع جو اقتصادي سروي جاري ڪري ڇڏيو. اقتصادي سروي جا خاص خاص نڪتا هيٺ ڏجن ٿا: * مالي سال 2023ع دوران اقتصادي ترقي جي اؤسر واري شرح 0.29 سيڪڙو رهي جيڪو گذ??يل مالي سال ۾ 6.1 سيڪڙو هئي. زرعي شعبي جي اؤسر 1.55 سيڪڙو رهي، جيڪو گذ??يل مالي سال دوران 4.27 سيڪڙو رهي. صنعتي شعبي جي ڪاٽو 2.94 سيڪڙو رهي جيڪو گذ??يل مالي سال دوران 6.83 سيڪڙو هئي. * مينيوفيڪچرنگ جي شرح اؤسر ڪاٽو 3.914 سيڪڙو رهي، جيڪو گذ??يل مالي سال دوران 10.86 سيڪڙو هئي. تعميرات جي شعبي جي شرح اؤسر ڪاٽو 5.53 سيڪڙو رهي جيڪا گذ??يل مالي سال ۾ 1.90 سيڪڙو هئي. * بجلي، گيس، پاڻي جي فراهميءَ سميت انڊسٽري جي ذيلي شعبن ۾ اؤسر واري شرح 6 سيڪڙو رهي، جيڪو گذ??يل مالي سال دوران 3.14 سيڪڙو هئي. * خدمتن جي شعبي جي شرح اؤسر 0.86 سيڪڙو رهي جيڪا گذ??يل مالي سال دوران 6.19 سيڪڙو هئي. * آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 6.93 سيڪڙو رهي، جيڪا گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران 16.32 سيڪڙو هئي. * ان سال معيشت جو ڳاڻيٽو 27.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ هي 84658 ارب رپيا رهي جيڪو گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران 66624 ارب رپيا هو. * في ڪس آمدني 1568 ڊالر رهي. گذ??يل مالي سال دوران هي 1765 ڊالر هئي. اهڙيءَ طرح ان ۾ 11.2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. * مجموعي سيڙپڪاريءَ ۾ 10.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذر??ل سال ان ۾ 29.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هي جي ڊي پي جو 13.6 سيڪڙو رهيو. مالي سال 2022ع دوران هي جي ڊي پي جو 15.7 سيڪڙو هو . *نجي سيڙپڪاريءَ ۾ 6.18 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جيڪو گذ??يل مالي سال دوران 27.66 سيڪڙو رهي. * حڪومتي سيڙپڪاريءَ ۾ 14.10 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذ??يل مالي سال دوران ان ۾ 39.27 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو. حڪومتي سيڙپڪاري جي ڊي پي جو تقريبن 3.1 سيڪڙو رهي جيڪو گذ??يل مالي سال دوران 3.5 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. * قومي بچت ۾ 44.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذر??ل سال دوران هي ڪاٽو 3.8 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. قومي بچت جي ڊي پي جو 12.6 سيڪڙو رهيو جيڪو گذ??يل مالي سال دوران 11.1 سيڪڙو هئي. * هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مالياتي خسارو جي ڊي پي جو 4.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران 4.9 سيڪڙو هو. * هلندڙ مالي سال جولاءِ ??ان مارچ ڪل محصولن ۾ 18.1 سيڪڙو رهيو ۽ هي وڌي 6938.2 ارب رپين تائين پهچي ويو جيڪو جي ڊي پي جو 8.2 سيڪڙو هو. گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران ڪل محصول 5874.2 ارب رڪارڊ ڪيو ويو هو، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪيترن ئي معاشي مشڪلاتن باوجود ايف بي آر طرفان ٽيڪس روينيو ۾ 16.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ هي وڌي 5617.7 ارب رپين تائين پهچي ويو جيڪو گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران 4821.9 ارب رپيا هو. * جولاءِ ??ان مئي تائين موجوده مالي سال 23ع دوران سراسري مهانگائي 29.2 سيڪڙو رهي جيڪو گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران 11.3 سيڪڙو هئي. * هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران واپاري خساري ۾ 4.4 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ هي گهٽ ٿي 25.8 ارب تي اچي ويو. گذر??ل سال جي ان عرصي دوران واپاري خسارو 43.4 ارب ڊالر هو. * هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران آمدني واپار ۾ 29.2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ هي گهٽ ٿي 51.2 ارب ڊالر ٿي ويو جيڪو گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 72.3 ارب ڊالر هو. * هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران روانگي واپار ۾ 12.1 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ هي گهٽ ٿي 25.4 ارب ڊالر تي اچي ويو، جيڪو گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران 28.9 ارب ڊالر هو. * جولاءِ ??ان اپ??يل تائين مالي سال 23ع دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 76 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ هي گهٽ ٿي 3.3 ارب ڊالرن تي اچي ويو جيڪو جي ڊي پي جو تقريبن هڪ سيڪڙو آهي. * جولاءِ ??ان اپ??يل مالي سال 2.23ع دوران پرڏيهه مان موڪليل ناڻو 13.0 سيڪڙو گهٽ ٿي 22.7 ارب ڊالرن جو ٿي ويو جيڪو گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران 26.1 ارب ڊالر هو. * گذ??يل مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران غير ملڪي پرڏيهي سيڙپڪاري 23.2 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 1.17 ارب ڊالر رهي جيڪو گذ??يل مالي سال جي ان عرصي دوران 1.52 ارب ڊالر هئي.