اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان رٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڌرائي ۾ چيو و??و آهي ته جمهوريت کي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه پڌرائي پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو و??و آهي ته ان اهم ترين عالمي ڪنونيشن ۾ سعودي عرب، شام، ايران، ڪرغزستان، ازبڪستان، تنزانيه، برطانيه، آمريڪا سميت سڄي ??نيا جي اهم ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت کي دنيا ۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ??دا ڪنداسين، اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. هن ڪنوينشن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو و??و ته اسان قانون جي حڪمراني، خودمختياري، عدليه جي آزادي لاءِ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين، انساني حقن ۽ اظهار ??اءِ جي آزادي لاءِ بهتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪريون ٿا. آئنده ايندڙ نسلن لاءِ آزاد، محفوظ ۽ پائيدار ??رقي تي ٻڌل معاشرو جوڙيو و??ندو. عالمي ڪنوينشن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته آئين تحت ڏنل انساني حقن ۽ فلاح ۽ بهبود جو تحفظ ڪيو و??ندو. برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ قدم کنيا ويندا.