اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو وچن ??ري??ن ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو ٿيندو، قوم جي ڏکن جو مداوو ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي عوام جي حقن ۽ رياستي ادارن جي فرضن جو ڪتاب آهي، هي اتحاد ۽ اتفاق جي ضامن، عدل ۽ انصاف، برابر?? ۽ ??زادي جي ضمانت آهي، هي واعدو آهي الله تعاليٰ سان ته حاڪميت رڳو ان جي آهي، هي اختيار عوام چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪندو. آئين کان انحراف تي ملڪ ۽ قو?? صدما برداشٽ ڪيا، ناچاقي ۽ نااتفاقي، محرومين، دهشتگردي، معاشي تباهي، مهانگائي جا عذاب برداشت ڪيا. هن چيو ته آئين کان انحراف سان ادارا برباد ??يا، عدل ۽ انصاف جي جڳهه ظلم ورتي، اچو وچن ??ري??ن ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو هوندا، قوم جي ڏکن جو مداوو هوندا.