اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. هن وز??راعظم جا ٿورا مڃيندي حڪومت پاران ڊاڪٽر عافيه جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ درخواست ڪئي ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ پنهنجي ڪو??شن کي وڌائي. وز??راعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي پاڪستان حڪومت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏ??اريندي پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم ڊاڪٽر عافيه جي لاءِ انصا?? حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيترن ئي سالن کان اڻٿڪ ڪو??شن کي ساراهي?? ۽ ??اڪٽر عافيه جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ياد رهي ته اڳوڻي وز??راعظم محمد نواز شريف به ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي.