اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??ل??تي وزير حنا رباني کر سان جرمن ممل??تي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لينڊر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ممل??تي وزير حنا رباني کر پاڪستان پاران جرمني سان دوستي ۽ تعا??ن تي ٻڌل پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگريشن ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ قانوني هجرت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ئي ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. پاڪستان جي ٻوڏ کان بچاءُ جي ڪوششن ۾ خاطرخواهه تعا??ن تي جرمني جا ٿورا مڃيندي م??ل??تي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي م??سمياتي تبديلي ۽ غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي وزيرن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ افغانستانجي صورتحال، يوڪرين تڪرار، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ۽ عالمي ب??ادري کي درپيش معاشي ??ئلينجز شامل آهن.