اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ پنجاب جي صوبائي ??سيمبلي جون عام چونڊون 30 اپريل 2023ع (آچر) تي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايوا?? صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي صوبائي ??سيمبلي جي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پولنگ جي تاريخ 30 اپريل کان 7 مئي 2023ع جي وچ ۾ تجويز ڪئي هئي ۽ وڌيڪ تجويز ڏني هئي ??ه چونڊون ترجيحي طور تي آچر تي ڪرايون وڃن.