??سل??م آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ناليواري شاعر، ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار امجد ??سل??م امجد جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم امجد ??سل??م امجد جي گهروارن ۽ ان جي مداحن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته امجد ??سل??م امجد پنهنجي عهد جو نظم جو سڀ کان وڏو شاعر هو. هن انساني جذبن کي پنهنجي تهذ??ب ۽ روايت موجب زبان ڏئي امر ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ذاتي حوالي سان هو هڪ وڏو انسان هو. علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ هر پاڪستاني جي گهر جو هُو فرد هو، سندس لاڏاڻي جو ڏک پاڪستان جي هر شهري جو ذاتي ڏک آهي. هُن ??عر ۽ ادب جي هر صنف ۾ پنهنجي صلاحيتن ۽ فن کي مڃرايو. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻو علم ۽ ادب جي شعبي جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم چيو ته امجد ??سل??م امجد پاڪستان ٽيليويزن کي وارث، فشار ۽ سمندر جهڙا ڊراما ڏنا، ادب لاءِ سندس خدمتن کي مدتن تائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان پاڪستاني ادب هڪ عظيم ليکڪ ۽ ساعر کام محروم ٿي ويو آهي، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جم??ل عطا فرمائي.