اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پ??ڪستان کي پنهنجي اقتصادي ترقي جي صاف، ماحول دوست ۽ سستي بجلي جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حڪومت انرجي مڪس کي گهڻ رخو بڻائ?? جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي ۽ ماڻهن کي ريليف ملندو. هن چيو ته اسان خاص طور تي شمسي ۽ پن بجلي جي صلاحيت تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون.