برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ٻوڏ جي صورتحال ۾ ??شڪ?? ترين حالتن مان گذري رهيو آهي، پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ کان متاثر ٿيو آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان ۾ تاريخ جي وڏي تباهي پکيڙي آهي. جرمني جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي جرمن هم منصب اينا??ين?? بيرباڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 3 ڪر??ڙ 30 لک ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن، متاثر علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي سان ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪر?? ان وڏي آفت کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ماحولياتي تبديلي جي ڪر?? ٺهندڙ گرين هائوس گئسز ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان کي هن ماحولياتي تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عاليم برادري جي مدد گهربل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يورپي يونين ۾ جرمني پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ بهترين سفارتي لاڳاپا آهن. هن چيو ته گرمجوش ميزباني تي جرمن هم منصب جو ٿورائتو آهيان، جرمني ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جو وڏو انگ آباد آهي، پاڪستاني شاگردن جي لاءِ جرمني هڪ بهترين ملڪ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جرمن هم منصب سان واپار ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته افغانستان کي به يوڪرين وانگر عالمي مدد گهرجي. ان موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير اينا??ين?? بيرباڪ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ هڪ ڪر??ڙ يورو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ڪيتري تباهي ٿي ان جو اندازو لڳائڻ ??شڪ?? آهي، ٻوڏ متاثرين خاص طور تي ٻار کليل آسمان هيٺ رهڻ ت?? مجبور آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ مليريا پکڙجي رهيو آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جرمني جو اهم ترين واپاري حصيدار آهي، جرمن ڪمپنيون پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪر?? رهيون آهن. هن چيو ته جرمني پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.