??سل??م آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن ??سل??م آباد ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ ري??ل ٽائيم مانيٽرنگ جي لاءِ ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊيش بورڊ جي ذريعي ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ مقامي ۽ عالمي امداد ۽ ان جي ورڇ جي معلومات تائين دنيا جي ڪنهن به حصي مان پهچ ممڪن ٿيندي. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۾ معاونت جي لاءِ ويب سائيٽ، هڪ ٺوس فلڊ ريليف مئن??جم??نٽ سسٽم، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فيلڊ ورڪرز جي لاءِ ڊيجيٽل ايپليڪيش??ز ۽ پاليسي ۽ فيصلاسازي جي لاءِ ايگزيڪيوٽو ڊيش بورڊ پڻ ان فلڊ ريسپانس نظام جو حصو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.