اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي پرامن ماڻهن ک?? ڀارتي ظلم برداشت ڪندي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڪشمير ا??تح??ال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج اسان ڪشمير?? ڀائرن ڀينرن جو ا??تح??ال ڪري رهي آهي. نجڪاري واري وزار?? پاران جاري بيان ۾ عابد حسين ڀيو چيو ته ڀارت 5 آگسٽ جي غي??قانوني قدمن سان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿو. نجڪاري واري وزير چيو ته ڀارتي ڏاڍ جي ڪري ڪشم??ري ڀينرن ڀائرن جو پوري دنيا سان رابطو ڪٽجي چڪو آهي. هن چيو ته سمورا پاڪستاني ۽ حڪومتي نمائندا ڀارتي ظلم جي خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندا رهندا. نجڪاري واري وزير چيو ته عالمي انساني حقن جون تنظيمون ڀارتي غي??قانوني قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي اڳتي اچن.