فيصل آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي علماءَ ڪائونسل پاڪستان جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ڀارتي قدمن تحت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان موقعي تي سمورن شهرن ۾ احتجاجي تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن جو مقصد نه رڳو ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ پر عالمي دنيا کي باور ڪرائڻ آهي ته ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي کي فوري حل ۽ اتي ڀاريت فوج جون غاصباڻيون ڪارروايون فوري روڪيون وڃن. ختم نبوت اسلامڪ ريسرچ سينٽر ويجهو جامع مسجد گول فيصل آباد ۾ عالمن جي وفد سان ملاقات ۾ مرڪزي عالم ڪائونسل پاڪستان جي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو ته هو نه رڳو 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصبا??ي قبضي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا پر عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشمير جي مسئلي کي انساني ?? عالمي حق?? جي ڏس ۾ ڏسي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي غيرتمند ڪشميرين جو حريت جو جذبو ختم ڪرڻ جي لاءِ هر حربو استعمال ڪري ورتو پر اهي انهن جي آزادي جو جذبو ۽ شوق شهادت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ڪري سگهيا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جون بدترين پائماليون ۽ خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن پر دنيا جون سموري??ن ننڍيون وڏيون طاقتون ان تي خاموش آهن جيڪو انتهائي مذمت جوڳو فعل آهي.