اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ملاقات ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ٻئي طرف وزيراعظم سان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، سينيئر نائب ??در مشتاق منهاس ۽ ج??رل سيڪريٽري چوڌري طارق فاروق پڻ ملاقات ڪئ??. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم سان انسان?? حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده به ملاقات ڪئ??. ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل به ملاقات ۾ موجود هو.