اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ?? هن چيو ته اسان جي جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو شهيد کانسواءِ اڌوري آه?? ۽ ??ندس شهادت سان پيدا ٿيندڙ خال نه ڀرجندو. وزيراعظم چيو ته بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي نظريي تي د??يراڻي طور ت?? ۽ ??ختي سان قائم رهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.