اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوبلي لائف ان??ورنس ڪمپني کي ??ال??سي هولڊر جي بيواهه کي 12 لک روپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي ان??ورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن ان??ر ان??ر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪري. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ان??ورنس ڪمپني ??ال??سي جي يونٽ قيمت جي طور تي 12 لک روپين جي ادائيگي جي معاملي کي نظرانداز ڪيو آهي، ڪمپني بيواهه کي صرف 45 لک روپيا واپس ڪ??ا جيڪي مرحوم مڙس پريميم طور ڪمپني کي ادا ڪيا هئا، صدر ا??و فيصلو ??ال??سي هولڊر جي بيواهه عفت ناهيد جي پاران وفاقي ان??ورنس محتسب جي حڪم جي خلاف داخل اپيل جي شنوائي کانپوءِ ڏنو. وفاقي ان??ورنس محتسب مبينه طور تي گڏيل ٺاهه جي بنياد تي 45 لک جي ادائيگي کانپوءِ ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر چيو ته ان??ورنس ڪمپني ??ال??سي هولڊرز جي رقم ڪاروبار ۾ لڳائڻ کانپوءِ منافعو ڪمايو، شڪايت ڪندڙ کي منافعي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. جمعي تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شفيق 2016ع ۾ جوبلي لائف ان??ورنس مان ??ال??سي حاصل ڪئي ۽ ان مد ۾ ڪمپني کي 45 لک روپيا ادا ڪيا، ??ال??سي هولڊر جي لاڏڻي کانپوءِ ان جي بيواهه دعويٰ داخل ڪئي ته ان??ورنس ڪمپني کيس ??ال??سي جي مد ۾ ادا ڪيل صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا آهن، صدر قرار ڏنو ته وفاقي ان??ورنس محتسب ٺاهه جي آڙ ۾ واپس ڪيل 45 لک رووپين جي رقم جي اصل نوعيت کي نظرانداز ڪيو آهي، بيواهه کي صرف مڙس جي ادا ڪيل رقم واپس ڪرڻ ان??اف جي اصولن جي منافي ۽ ناجائز آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست هر قسم جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي، ان??ورنس آرڊيننس ان??ورنس ??ال??سي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ماڻهن کي ضرورتن ۽ معاشي مجبورين جي ڪري استحصال روڪڻ رياست جي ذميداري آهي، صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي ان??ورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن ان??ر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪئي وڃي.