اسلام آباد – 06 ا??ريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ??ابر اعواڻ چيو آهي، ته ڊپٽي اس??يڪ?? جي رولنگ لاءِ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس تي اعليٰ عدالت ۾ آئين ۽ قانون موجب دليل ڏيندس. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ڄاڻايل پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. بابر اعواڻ چيو ته ماڻهن کي يقين ڏيارڻ لاءِ رستو تجويز هئڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي ??هي. هن چيو ته اپوزيشن جي وڪيلن دليل ڏيڻ ۾ 3 ڏينهن لڳايا آهن، اسان گهٽ وقت لڳائينداسين، اسان جا دليل آئين ۽ قانون موجب هوندا. هن چيو ته اڃا آرٽيڪل 63 (اي) جي تشريح جي حوالي سان به فيصلو اچڻو باقي ??هي.