اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ر??لوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 مفاهمت جي ياداشتن تي صح??حون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت جي ياداشتن تي صح??حن جي موقعي تي موجود هئا. پاڪستان ازبڪستان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويز?? ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جڏهن ته ازبڪستان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نيزابيڪوف صح??حون ڪيون. ازبڪستان جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارتن جي سياحت جي فروغ لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صح??حون ڪيون ويون. پاڪستان پاران مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جڏهن ته ازبڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزير عبدالعزيز ڪاميلوف صح??حون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي پاڪستان پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار واري وزير سردار عمر زاڪوف صح??حون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪستان جڏهن ته سردار عمر زاڪوف ازبڪستان پاران صح??حون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ميپ تي پڻ صح??حون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏهن ته ازبڪستان جي سلامتي ڪائونسل واري سيڪريٽري ويڪٽر مخمودوف صح??حون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ر??لوي واري وزارت ۽ ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي وچ ۾ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صح??حون ٿيون. پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جڏهن ته ازبڪستان پاران ٽرانسپورٽ واري وزير الخوم مخڪاموف صح??حون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صح??حون ڪيون ويون. پاڪستان پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه شفقات جڏهن ته پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبڪ عثمانوف صح??حون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ازبڪستان جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪستان جي خيبرپختونخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي صح??حون ڪيون ويون. پاڪستان پاران خيبرپختونخواهه جي صنعت واري سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه جڏهن ته ازبڪستان پاران پاڪستان ۾ ازبڪ سفير اوبڪ عثمانوف صح??حون ڪيون.