اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪر??چي ۾ جاري ??مورين ترقياتي اس??يمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها هدايت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي سان ڳالهائيندي ڏني جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪر??چي ۾ جاري مختلف ترقياتي اس??يمن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي ڪارڪردگي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪر??چي ۾ جاري ??مورين ترقياتي اس??يمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.