بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري جي ٻئي ڏينهن چين جي مختلف سرڪاري ۽ نجي ڪم??نين جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم عمران خان حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوص?? اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو، هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪم??نين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم عمران خان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين، چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا، ايسٽ سي گروپ، چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ، چائنا ميٽالورجيڪل گروپ ڪارپوريشن، بي??نگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪم??ني لميٽيڊ ۽ چين مڪس گروپ جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران چيني سيڙپڪارن وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ انهن جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ توانائي، ريفائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، واٽر مئنيجمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪم??ونيڪشن ٽيڪنالاجي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ اربين ڊالر ماليت جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري منصوبن کان آگاهه ڪيو. چائنا انرجي ڪم??ني توانائي، واٽر مئنيجمينٽ، ٽرانسپورٽيشن ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا ڪم??ونيڪشن ۽ انجنيئرنگ تي ڌيان ڏي ٿي ۽ توانائي ۽ پاڻي جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. ايسٽ سي گروپ عالمي سطح تي توانائي ۽ ڪيميڪل جو واپار ڪندڙ ڪم??ني آهي. چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ انجنيئرنگ، ريئل اسٽيٽ ڊيولپمينٽ، ريلويز ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿو. چائنا ميٽالورجيڪل گروپ ڪارپوريشن دنيا ۾ وڏي پئماني تي تعميرات جو ٺيڪيدار گروپ آهي. بي??نگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪم??ني لميٽيڊ ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خا?? پاڪستان ۾ چيني ڪم??نين جي ڪاروباري لاڳاپن ۾ اضافي جي دلچسپي کي ساراهيندي حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوص?? اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪم??نين کي انهن جي ڪاروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ملاقاتن دوران ڪابينا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.