اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان متحده عرب امارات تي حوثين جي ميز??ئل حم??ي جي مذمت ڪندي ان ??ي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النيهان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ حوثي باغين پاران 30 جنوري تي متحده عرب امارات تي ميز??ئل حم??ي جي سخت مذمت ڪئي. هن متحده عرب امارات اپران وقت سر ۽ موثر فضائي دفاع سان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم متحده عرب امارات جي قيادت، عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??و. وزيراعظم تازن حملن ت?? ڳڻتي جو اظهار ڪ??دي انهن کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو. وزيراعظم عمران خان ??الهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ ڪوششن جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعليٰ سطح تي ويجهي ۽ باقاعده مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.