اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪر?? جي ضرورت آهي. او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان نازڪ صورتحال ۾ ورتل آهي، او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇڪرائ?? جي لاءِ تمام اهم آهي. دنيا کي افغانستان جي زمي??ي حقيقتن کان آگاهه هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ افغان نمائندا به پنهنجو موقف پيش ڪندا. شاهه محمود قريشي خبردار ڪيو ته پناهگيرن جو بحران پيدا ٿيو ته ايران تائين محدود نه رهندو، دنيا جي مفاد ۾ آهي ته افغانستان جي صورتحال نه بگڙي، نه ته پناهگير روزگار جي لاءِ يورپ جي دروازن تي به دستڪ ڏيندا. هن چيو ته هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪر?? جي ضرورت آهي. بئنڪنگ سسٽم فعال نه ٿيو ته سڄي دنيا مان افغاني پ??سا ڪيئن موڪليندا، افغان عبوري حڪومت وٽ پگهارون ڏي?? جي لاءِ پئسا نه آهن. افغانستان جي پنهنجي وسيلن کي منجمند ڪيو ويو آهي.