اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغا??ست??ن ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواءِ دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڇهه نقاطي حڪمت عملي جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون. پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ افغان عوام جي مدد جي لاءِ ڇهه نقاطي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ڊونرز پاران واعدن سميت افغان عوام جي فوري پائيدار انساني ۽ مالي مدد جي فراهمي جي لاءِ او آءِ سي جي اندر پليٽ فارم قائم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزي?? چيو ته افغا??ست??ن کي انساني الميي کان بچائڻ جي لاءِ مسلمان امت ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزي?? چيو ته اسان کي افغان عوام جي لاءِ ٻطرفي يا او آءِ سي جي ذريعي افغان نوجوانن کي تعليم، صحت، فني ۽ پيشيواراڻي مهارت جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ عالمي مالياتي ادارن تي ٻڌل ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو وڃي ته جيئن افغان عوام جي جائز بئنڪاري نظام تائين پهچ کي آسان بڻائڻ ۽ افغان عوام جي ليڪويڊيٽي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي افغان عوام جي غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي بابت اسلامي تعاون تنظيم کي انهن ڪوششن جي قيادت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزي?? چيو ته اسان کي سياسي ۽ سماجي شموليت، انساني حقن خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي احترام ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. افغا??ست??ن ۾ خوفناڪ انساني صورتحال ۽ اتي معاشي بدحالي جي خطرن طرف اشارو ڪندي پرڏيهي وزي?? چيو ته هي گڏيل تعاون جو هٿ وڌائڻ جو وقت آهي نه ڪي حم??يت روڪڻ جو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو ته انساني امداد بنا ڪنهن شر?? جي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته افغا??ست??ن ۾ وڏي انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هوندا. پرڏيهي وزي?? چيو ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغا??ست??ن ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغا??ست??ن تي ڇڪرائڻ جي لا??ِ تمام اهم آهي، هن وقت افغا??ست??ن ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي، ان مقصد جي لاءِ افغا??ست??ن ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.