اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ميڪرو اڪنامڪ مشاورتي گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي م??جو??گي ملڪي معاشي ۽ اقتصادي صورتحال، ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز ۾ سراسري بهتري، ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبابندي ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ قيم??ن جي با??جو?? معاشي ترقي جي شرح کي وڌائڻ ۽ پائيدار بڻائڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته گذريل حڪوم??ن جي پيدا ڪيل معاشي بحرانن ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري معاشي مشڪلا??ن جو بهترين معاشي پاليسين سان مقابلو ڪرڻ تي عالمي سطح تي پاڪستان جي پذيرائي ٿي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران جڏهن پوري دنيا جا ملڪ معاشي مشڪلا??ن جو شڪار هئا، حڪومت جي بهترين حڪمت عملي جي ڪري معاشي ترقي جي شرح 3.9 رهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته ملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ڪري گردشي قرضن ۾ گهٽتائي واقعي ٿي آهي، روينيو ۾ 35 سيڪڙو اضافو، جنهن ۾ صرف ٽيڪس جي مد ۾ ئي 32 سيڪڙو اضافو، روانگي واپار ۾ اضافو، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار ۽ ويليو ايڊيشن ۾ اضافو خوش آئنده آهي، صنعتي خام مال جي درآمد ۾ اضافو نه رڳو صنعتي ترقي پر روانگي واپار ۽ مقامي کپت جي نتيجي ۾ روينيو ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندو. اجلاس کي ايگريڪلچر ٽرانفارميشن پلان تي اڳڀرائي ۽ ان جي ڪري پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي به تفصيلي آگاهه ڪ??و ويو، ان کانسواءِ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ متوقع گهٽتائي جي ڪري عوام تائين رليف پهچائڻ ۾ مدد تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا معاشي انگن اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن. حڪومت نه رڳو گذريل حڪومت جي وراثت ۾ ڇڏيل معاشي بحرانن پر ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ معاشي مشڪلا??ن جو بهترين طريقي سان مقابلو ڪيو، وزيراعظم چيو ته هاڻي معيشت پائيدار ترقي جي طرف گامزن آهي، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار، ويليو ايڊيشن، روينيو ۽ روانگي واپار ۾ اضافو واضح ڪري ٿو ته حڪومتي معاشي پاليسيون صحيح رخ ۾ جاري آهن، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. وزيراعظم معاشي مشاورتي گروپ جي ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ معاشي رليف کي عوام تائين جلد پهچائڻ جا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، توانائي واري وزير حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ڊاڪٽر راشد امجد، ڊاڪٽر سيد سلمان شاهه، ثاقب شيراني، ڊاڪٽر اشفاق حسن خان، ناڻي واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ، ايف بي آر چيئرمين محمد اشفاق احمد، ناڻي ۽ اقتصادي واري وزارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر امتياز احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين، سيد سليم رضا، ڊاڪٽر اعجاز نبي، ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري ۽ داڪٽر ن??يم الحق وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.