اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي، اسان کي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪه تي عمل جي ضرورت آهي.
نماز مؤمن جو معراج آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن سان وفا جي عهد جي تجد??د جو ڏينهن آهي، انساني تاريخ م سڀ کان مبارڪ ڏينهن 12 ربيع الاول جو ڏينهن آهي. اهڙو اظهار هن قوم?? رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته قوم?? رحمت اللعالمين ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، جن ماڻهن ان حوالي سان ڪوشش ڪئي الله تعاليٰ سندن ڪوششن کي قبول فرمائي.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان علامه اقبال فرمايو هو ته ”ڪي محمد سي وفا توني تو هم تير?? هين، يه جهان چيز هي ڪيا، لوهه و قلم تير?? هين.“ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان طرفان رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ هڪ احسن قدم آهي. هن چيو ته وزيراعظم اڄ جيڪ?? ڪم ڪيو آهي، اهو اڄ کان 70 سال پهرين ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته اڄ جو نوجوان اسوه حسنه تي عمل پيرا ٿي ڪامياب ٿي سگهي ٿو.