اسلام آباد – 02 211; ??ڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي لاڏا??ي تي افسوس جو اظهار ڪندي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل تعزي??ي پيغام ۾ صدر چيو ته عمر شريف منفرد مزاح جو مالڪ هو. هن چيو ته عمر شريف ڪام??ڊي جي دنيا ۾ پنهنجو جدا مقام ٺاهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل ڏي.