اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هارين ??اء?? خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آ??ي. وزيراعظم ??فيس پاران ان حوالي سان جاري ڪيل هدايتن ۾ هارين جي مسئلن جي حل ??اء?? صوبائي حڪومتن کي خصوصي حڪم جاري ڪيا ويا آهن جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هارين جي شڪايتن جي فوري حل ??اء?? قدمن جون هدايتون ڪيون ويون آهن.
وزيراعظم ??مران خان پاران جاري هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آ??يسر هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، ان حوالي سان وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) سمورين صوبائي حڪومتن کي خط جاري ڪيو آهي، جنهن تحت هاڻي هاري پنهنجا مسئلا سڌو سنوان سٽيزن پورٽل تي ٻُڌائي سگهندا، وزيراعطم آفيس چيو آهي ته پنهنجي مسئلن جي حل ??اء?? هاڻي آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري آ??يس?? جا چڪر نه لڳائڻا پوندا،
وزيراعظم ??فيس هدايت ڪئي ته سمورا چيف سيڪريٽريز هارين جي مسئلن جي حل تي آ??يسرن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ جوڙين، خط ۾ سمورنص وبن ۾ هارين جي مسئلن جي ??اء?? 123 سرڪاري آ??يسرن کي ذميداريون سونپيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي 43 جڏهن ته پنجاب جي 57 آفيسرن کي ذميداري سونپي وئي اهي، سڄي ملڪ جا هاري هاڻي پي ايم پورٽل تي ڪارڊ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي جي چوري، فصل، جنسن جي قيمتن تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. ان کانسواءِ جيت مار دوائن ۽ ٻين 52 مسئلن جو ازالو به بروقت ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم ??فيس هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان آبادگارن ۽ هارين جي آگاهي ??اء?? ضلعي سطح تي خصوصي مهم به هلائي وڃي.