اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) سين??ٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب جي قيادت کي سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سين??ٽ جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام پارليامينٽ ۽ حڪومت سعودي عرب جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي، قومي ڏينهن ڪنهن به ملڪ جي ل??ءِ انتهائي اهميت رکندڙ هوندو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٻطرفا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، سين??ٽ جي چيئرمين چيو ته گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرتي هڪجهڙائي پاڪستان ۽ سعودي عرب کي هڪٻئي جي ويجهو رکيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب ترقي ۽ خوشحالي جو گڏيل ويزن رکن ٿا ۽ ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهن. سين??ٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام ل??ءِ دعاڳو آهيان. اعليٰ سطح تي وفد جي مٽاس??ا سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، سين??ٽ جي چيئرمين سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب جي ڀائرن جي خوشين ۾ شريڪ آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. سين??ٽ جي چيئرمين چيو ته مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي کانسو??ءِ امن ۽ خوشحالي ل??ءِ گڏيل بصيرت، ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏئي ٿي.