اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس سبب 70 فوتگيون ٿيون جنهن مان 30 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 239 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 66 سيڪڙو، لاهور ۾ 38 سيڪڙو، ملتان 58 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 46 سيڪڙو م??يض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 79، ملتان ۾ 59 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 51 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 70 سيڪڙو م??يض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 982 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 15 هزار 534، پنجاب ۾ 20 هزار 345، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 65، اسلام آباد ۾ 4 هزار 363، بلوچستان ۾ 667، گلگت بلتستان ۾ ڪو به ٽيسٽ ناهي ڪيو ويو، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 8 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 10 لک 2 هزار 430 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به م??يض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 472 م??يض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 89 هزار 673 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 ل?? 16 ??زار 886 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 30 هزار 314، بلوچستان ۾ 31 هزار 755، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 526، اسلام آباد ۾ 95 هزار 491، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 55 هزار 153، پنجاب ۾ 3 لک 77 هزار 208 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 17 هزار 439 م??يض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 24 هزار 783 ٿي چڪو آهي،