اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته حڪومت گئس ۽ معدنيات ??ي شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي، سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادارن کي بهتر بڻايو وڃي، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ۽ درآمدات ??و متبادل ڳوليو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ ۾ معاشي تبديلي لاءِ وڏ?? شعبن ۾ حڪومتي سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزي??اع??م کي آگاهه ڪيو ويو ته اقتصادي مشاورتي ڪائونسل طرفان سڌارن جي لاءِ 14 ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جيئن ايندڙ ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح کي 6 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۽ سيڙپڪاري جي تناسب سان موجوده 15 سيڪڙو کان وڌائي 20 سيڪڙو تائين وٺي وڃي سگهجي. انهن 14 شعبن ۾ مالي استحڪام ۽ پائيدار ترقي، گهر ۽ ??عم??رات، مالياتي شعبو ۽ قرضن جو انتظام، نجڪاري، گهريلو واپار، گردشي قرض، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعتڪاري، توانائي ۽ پيٽروليم، خرچا، ز??اع??، سي پيڪ، قيمتن جو استحڪام ۽ سماجي تحفظ شامل آهن. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت خاص طور تي گئس ۽ معدنيت جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي، وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪري، سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادارن کي بهتر بڻائين، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائين، برآمدات ۾ نواڻ ۽ درآمدات ??و متبادل ڳولين.