اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته گرين لائين کي طئي ٿيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ ڪم ۾ تيزي آندي وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي وارو وف??قي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر، صوبائي اسيمبلي ميمبر علي گوهر مهر ۽ صفدر عباسي شريڪ هئا. ان موقعي تي ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي ??ور??حال خاص طور تي امن امان ۽ ڪوروان جي ??ور??حال ۽ عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻو??هه ڪئي وئي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ وف??ق جي جاري ترقياتي منصوبن تي سنڌ صوبي جي پهرين وڏي ٽرانسپورٽ منصوبي گرين لائين تي اڳڀ??ائ?? تي ڳالهه ٻو??هه ٿي. وزيراعظم گرين لائين کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ تيزي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.