اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا کي افغانستان جي خلاف پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسا?? شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جا حامي آهيون، عالمي برادري ڀارت جي بليڪ مارڪيٽ ۾ يورينيم جي غير قانوني وڪري جو سنجيدگي سا?? نوٽيس وٺي، تابڪار مادي جو غلط هٿن ۾ وڃڻ انساني جانين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، عالمي ميڊيا پاران ايتري اهم واقعي کي نظرا??دا?? ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ڪ??رس جي غير ملڪي شرڪت ڪندڙن سا?? ڳالهائيندي ڪيو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڪورس هيٺ 12 ملڪن سا?? تعلق رکندڙ فوجي آفيسرن صدر سا?? ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70،000 جانين ۽ 150 بلين ڊالر جي معاشي نقصان کي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. افغانستان جي حوالي سا?? خيالن جو اظهار ڪندي صدر چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سا?? سڀ کان وڌيڪ فائدو افغانستان کانپوءِ پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار سا?? سڀ کان وڌيڪ متاثر به پاڪستان ٿيو آهي، افغانستان ۾ جنگ پاڪستان جي معيشت ۽ سيڪيورٽي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، صدر چيو ته پاڪستا?? شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جو حامي رهيو آهي، جنگ تڪرارن جو حل نه آهي ڇو ته ان سا?? انساني اذيت ۽ تڪليف ۾ اضافو ٿيندو آهي،