ملتان -30 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڊينئل پرل ڪيس ۾ بري ٿيندڙ عمر شيخ کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪين سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مان نئين آمريڪي پرڏيهي وزير کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چ??و ته بلنڪين جا تجربا خطي جي ??سئ??ن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. آمريڪي پرڏيهي وزير کي وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن بابت ??فصيلي آگاهه ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چ??و ته آمريڪي پرڏيهي وزير کي هڪ عدالتي فيصلي تي تشويش هئي جنهن تي هن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هن عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي حڪومت ڊينئل پرل جي قاتلن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي ۽ اسان جي به اها ئي خواهش آهي ته ڊينئل پرل جي خاندان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چ??و ته پاڪستان آمريڪا سان ٻه طرفا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ مان هن کي عمران خان جي ترجيحن بابت ??فصيلي بريفنگ ڏني. مان هن کي ٻڌا??و ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ هتي آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپشن، مني لانڊرنگ خلاف ٺوس قدم کڻي رهي آهي.