اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يش?? چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان ۾ دهشتگ??دي جي سرپرستي جا نا قابل ترديد ثبوت موجود آهن. ڀارت رياستي دهشتگ??دي ۾ سڌو سنئون ملوث آهي ۽ ان کي هٿي وٺ??ائ?? رهيو آهي. دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته ڀارت ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي ۽ سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت روگ اسٽيٽ جو روپ اختيار ڪندي پئي وڃي. عالمي برادري کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي منصوبن جي ڄاڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا آهيون. ڀارت جي رياستي دهشتگ??دي تي وڌيڪ چپ رهڻ نه پاڪستان ۽ ن?? ئي ڏکڻ ايشيا جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر ??يجر جنرل بابر افتخار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگ??دي جي ڪارروائين ۾ ڀارتي ادارن جي هٿ هجڻ، پابندي پيل تنظيمن سان مالي سهڪار، انهن تنظيمن جي ڪارڪنن کي سکيا ۽ هٿيارن جي فراهمي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽارگيٽس جي نشاندهي ۽ پئسن جي منتقلي بابت شاهديون پيش ڪيون.