اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر ج??ري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران ج??ري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 1302 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 22 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 376 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 531، پنجاب ۾ 11 هزار 873، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 813، اسلام آباد ۾ 6 هزار 449 ، بلوچستان ۾ 598 ، گلگت بلتستان ۾ 405، آزاد ڪشمير ۾ 707 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 16 هزار 665 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??ڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 871 وينٽيليٽرز تي ڪو??ڊ 19 جا 123 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 15 هزار 317 آهي.